اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته غزه ۾ جا??ي نسل ڪشيءَ بنا روڪ ٽوڪ جا??ي آهي، اسرائيلي قابض فوج والاريل فلسطين ۽ لبنان ۾ ڇوٽ سان ڪار??وا??ون جا??ي رکيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان بيت لاهيه تي اسرائيل جي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ فضائي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 80 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا آهن. ترجمان چيو ته اسرائيل جو اتر غزه جو گهيراءُ ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ انساني صورتحال انساني ضمير تي ڌٻو آهي. هن چيو ته بنا وارننگ جي گنجان آباد رهائشي علائقن کي نشانو بڻائڻ ۽ شهرين کي خوراڪ، پاڻي ۽ ضر??ري دوائن کان محروم ڪري انهن کي گڏيل سزا ڏيڻ جنگي ڏوهه آهي. هن چيو ته اسرائيل لبنان ۾ شهري آبادي جي خلاف پنهنجي جا??حيت جا??ي رکي آهي، گڏيل قومن جا امن دستا اسرائيلي جا??حيت جو تازه ترين شڪار بڻجي ويا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان ۾ گڏيل قومن جي يو اين آءِ ايف ايل جي امن دستن تي اسرائيلي فوج جي ڄاڻي واڻي ۽ غيرقانوني حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اسرائيل تي دٻاءُ وجهي ته هو يو اين آءِ ايف ايل جي خلاف سمورا جا??حاڻا قدم ف??ري طور تي بند ڪرڻ سان گڏوگڏ فلسطين ۽ لبنان جي عوام جي خلاف حملا بند ڪري. ترجمان چيو ته اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي پڻ جوابده بڻائڻ گهرجي ۽ فلسطيني عوام کي اسرائيلي جا??حيت کان بچائڻ گهرجي.
غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ بنا روڪ ٽوڪ جاري آهي، اسرائيلي قابض فوج والاريل فلسطين ۽ لبنان ۾ ڇوٽ سان ڪارروايون جاري رکيون آهن: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج