اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لبنان ۽ غزه جي لاءِ امداد?? سامان جا ٻه جهاز فوري طور تي موڪلڻ، امداد?? سامان جي پهچ جي رفتار ۾ تيزي ۽ وزيراعظم غزه ۽ لبنان بابت ريليف فنڊ جي حوال?? سان ڀرپور آگاهي مهم ??لائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ غزه، فلسطين ۽ لبنان ۾ پاڪستان پاران موڪلي ويندڙ امداد جي حوال?? سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواج??، خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم لبنان ۽ غزه جي لاءِ امداد?? سامان جا ٻه هوائي جهاز فوري طور تي موڪلڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هوائي رستي کانسواءِ زميني رستن ذريعي به ٽرڪن وسيلي امداد?? سامان لبنان ۽ غزه جي لاءِ روانو ڪيو وڃي. وزيراعظم امداد?? سامان موڪلڻ جي حوال?? سان فلسطين، لبنان، اردن ۽ مصر ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن سان رابطن ک?? وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته امداد ضرورتمندن تائين پهچي. هن امداد?? سامان موڪلڻ جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل ڪئي ته پاڪستاني عوام خاص طور تي سرنديءَ وارا ماڻهو وڌي چڙهي غزه ۽ لبنان بابت وزيراعظم ريليف فنڊ ۾ عطيو جمع ڪرائين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستاني آءِ بي اي اين نمبر IBAN:PK11SBPD000000111111429 2 ۾ عطيو جمع ڪرائي پنهنجي فلسطيني ۽ لبناني ڀائرن جي مدد ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. هن غزه ۽ لبنان بابت وزيراعظم ريليف فنڊ جي حوال?? سان ڀرپور آگاهي مهم ??لائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي لبنان ۽ غزه ۾ پاڪستان پاران امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان پاران غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت کان متاثر ڀينرن ڀائرن جي لاءِ سرديءَ کان بچڻ وارا ٽينٽ، ڪپڙا، ڪمبل، دوائون، روزاني جي استعمال جون شيون موڪليون پيون وڃن. اسرائيلي حملن ۽ گهيراءُ سبب فلسطين ۽ لبنان جي متاثر علائقن ۾ امداد?? سامان جي فراهمي ۾ مشڪلاتون درپيش اچي رهيون آهن. جيڪي اين جي اوز غزه ۽ لبنان جي متاثرين جي لاءِ رقم ۽ امداد?? سامان موڪلڻ چاهين ٿيون انهن ک?? امداد?? سامان موڪلڻ جي حوال?? سان حڪومت پاران سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
وزيراعظم پاران غزه ۽ لبنان بابت ريليف فنڊ جي حوالي سان آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر