نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ اسرائيلي ڏاڍ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل فلسط??ني?? جي نسل ڪشيءَ ۽ ڏاڍ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، پاڪستاني عوام جي دل فلسطيني ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، پاڪستان فلسطيني ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪئي آهي، فلسطين جي معاملي کي ڊيگهه ڏني وئي ته دنيا جو امن تباهه ٿي سگهي ٿو، عالمي دنيا فلسطين جي آزاد رياست جوڙڻ کي يقيني بڻائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي فلسطين جي صدر محمود عباس سان ملاقات ۽ ص??اف??ن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسرائيل فلسط??ني?? جي نسل ڪشيءَ ۽ ڏاڍ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن اسرائيلي ڏاڍ جي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستاني عوام جي دل فلسطيني ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀ متحد ٿي غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪريون ٿا، عالمي دنيا فلسطين جي آزاد رياست جوڙڻ کي يقيني بڻائي، آزاد فلسطين کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي. فلسطين جي معاملي کي ڊيگهه ڏنيو ئي ته دنيا جو امن تباهه ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان سدائين فلسطيني ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪئي آهي. عالمي فورمز ۽ عالمي برادري سان رابطن ۾ پاڪستان فلسطين جي مڪمل حمايت ڪئي آهي. ان موقعي تي ص??اف??ن سان ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مون پنهنجي ڀاءُ صدر محمود عباس سان ملاقات ڪئي آهي ته جيئن فلسطين جي حڪومت ۽ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري سگهجي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران غزه ۾ اسرائيل جي ڏاڍ، نسل ڪشيءَ ۽ ظلم جاري آهي، پاڪستان اسرائيلي ڏاڍ جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران 41 هزار فلسط??ني?? کي شهيد ڪيو ويو آهي جن ۾ ن??جو??ن، ٻار ۽ بزرگ به شامل آهن. وزيراعظم ??يو ته ڪيترائي شهر، ڳوٺ، اسڪول ۽ اسپتالن تائين تباهه ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اسرائيلي قدم نسل ڪشيءَ ۽ ڏاڍ جا خوفناڪ مثال آهن جن جو تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀني کي متحد ٿي فوري طور تي ٻه مطالبا ڪرڻ گهرجن جن ۾ پهريون مطالبو غزه ۾ فوري جنگبندي جو هجڻ گهرجي ۽ آزاد فلسطيني رياست جو پڻ مطالبو ڪرڻو پوندو جنهن کانسواءِ هن خطي ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم ??يو ته جيڪڏهن اها صورتحال ڪجهه وقت جي لاءِ برقرار رهي ٿي ته اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ان سان دنيا جو امن تباهه ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطيني ڀائرن جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي جدوجهد، عزم ۽ قربانيون رائيگان نه وينديون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام عمل ۾ ايندو. ان موقعي تي ص??اف??ن سان ڳالهائيندي فلسطين جي صدر محمود عباس چيو ته پهرين ڏينهن کان پاڪستان فلسط??ن سان گڏ آهي ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ 1948ع کان وٺي اڄ تائين پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ پاڪستان سدائين فلسطيني عوام جي هر مڪن مدد ڪئي آهي. ان کانسواءِ پاڪستان عالمي فورمز تي پڻ سدائين فلسط??ن سان گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ پاڪستان فلسطين جي موقف جي پرزور تائيد ڪري ٿو.
وزيراعظم پاران غزه ۾ اسرائيلي ڏاڍ جي شديد مذمت، اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۽ ڏاڍ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج