اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي خلاف آپريشن ڪندي سُومر ڏينهن صبح پاڪستان افغانستان جي اندر سرحدي علائقن ۾ انٽيلي جنس جي بنياد تي دهشتگردي جي خاتمي جون ڪارروايون ڪيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پاران جاري ڪيل بيان موجب سومر ڏينهن جي آپريشن جو بنيادي هدف حافظ گل بهادر گروپ سان تعلق رکندڙ دهشتگرد هُئا جيڪو گروپ ٽي ٽي پي سان گڏجي پاڪستان جي اندر ڪيترن ئي دهشتگرد حملن جو ذميوار آهي جنهن جي نتيجي ۾ سوين شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار شهيد ٿيا، تازه ترين حملو 16 مارچ 2024ع تي اتر وزيرستان ۾ مير علي ۾ هڪ سيڪيورٽي پوسٽ تي ٿيو ۽ ان ۾ 7 پاڪستاني فوجي شهيد ٿيا. هن چيو ته گذريل ٻن سالن دوران پاڪستان افغانستان جي اندر ٽي ٽي پي سميت دهشتگرد تنظيمن جي موجودگي تي عبوري اف??ان حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا ??نه??جي سنگين خدشن کان آگاهه ڪيو آهي، اهي دهشتگرد پاڪستان جي سلامتي جي لاءِ سنگين خطرو آهن ۽ پاڪستاني حدن ۾ دهشتگرد حملن جي لاءِ مسلسل اف??ان سرزمين جو استعمال ڪندا رهيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان افغانستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، ان جي لاءِ هن سدائي?? دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي ترجيح ڏني آهي، اسان ڪيترائي ڀيرا اف??ان عملدارن تي زور ڏنو آهي ته اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٺوس ۽ موثر ڪارروائي ڪن ته اف??ان سرزمين پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿئي، اسان انهن کان ٽي ٽي پي جون محفوظ پناهگاهون ختم ڪرڻ ۽ انهن جي قيادت پاڪستان جي حوالي ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي ماڻهن جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿو جڏهن ته افغانستان ۾ اقتدار ۾ ر??ندڙن مان ڪجهه عنصر سرگرم طور تي ٽي ٽي پي جي سرپرستي ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي پاڪستان جي خلاف پراڪسي طور استعمال ڪري رهيا آهن، هڪ ڀائر ملڪ جيڪو افغانستان جي عوام سان مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل آهي، ان جي خلاف اهڙي قسم جو رويو انهن جي تنگ نظري کي ظاهر ڪري ٿو، انهن گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ افغانستان جي عوام جي لاءِ پاڪستان پاران ڏني ويندڙ حمايت کي نظرانداز ڪيو آهي، اسان اقتدار ۾ موجود انهن عنصرن کي درخواست ڪريون ٿا ته معصوم پاڪستانين جو رت وهائيندڙ دهشتگردن جو ساٿ ڏيڻ جي پاليسي تي نظرثاني ڪن ۽ پاڪستاني عوام سان گڏ بيهڻ جي واضح چونڊ ڪن. ترجمان چيو ته ٽي ٽي پي جهڙا دهشتگرد گروهه علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ گڏيل خطرو آهن، اسان کي ٽي ٽي پي پاران خطري جو مقابلو ڪرڻ ۾ اف??ان عملدارن کي درپيش چئلينج جي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي، ان جي لاءِ پاڪستا?? دهشتگردي جي خلاف گڏيل حل ڳولڻ ۽ ڪنهن به دهشتگرد تنظيم کي افغانستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي سبوتاز ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ ڪم جاري رکندو.
پاڪستان سُومر ڏينهن صبح افغانستان جي اندر سرحدي علائقن ۾ انٽيلي جنس جي بنياد تي دهشتگردي جي خاتمي جون ڪارروايون ڪيون، آپريشن جو بنيادي هدف حافظ گل بهادر گروپ سان تعلق رکندڙ دهشتگرد هُئا: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی