??سل??م آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان هڪ خصوصي تقريب جو اهتمام ڪيو. تقريب ۾ مختلف شعبن جون ناليواريون پاڪستاني عورتون شريڪ ٿيون جڏهن ته ??سل??م آباد ۾ سفارتي ڪور جي ميمبرن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري م??مد سائرس سجاد قاضي پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان جي عورتن کي ملڪ جي ترقي ۾ انهن جي م??بوط حصيداري ۽ مثبت سماجي تبديلين کي فروغ ڏيڻ ۾ انهن جي اهم ڪردار تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري عورت سفارتڪارن جي نمايان ڪاميابين تي پرڏيهي وزارت کي پاڪستان ۾ عوامي ادارن جي لاءِ هڪ روشن مثال طور تي اجاگر ڪيو جنهن ۾ عورت آفيسرن جو هڪ ذڪر جوڳو انگ موجود آهي جن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي اڳتي وڌائڻ ۾ بي م??ال مهارت ۽ لگاءُ جو مظاهرو ڪيو آهي. تقريب ۾ هڪ پينل ڊسڪشن جو پڻ اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ادا ڪيا، جنهن ۾ بااثر عورت اڳواڻن جي شاندار سفر کي ڏيکاريو ويو. مع??ز پينلسٽس ۾ پاڪستان جي فارن سروس جي پهرين عورت آفيسر سفير فوزيه نسرين، عوامي صحت، سماجي ڀلائي ۽ عوامي خدمت ۾ پنهنجي خدمتن جي لاءِ مشهور سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ادبي شعبي جي ۽ تخليقي صلاحيتون رکندڙ امينه سيد ۽ صنفي برابري، سماجي انصاف، ٻارن جي حقن ۽ ذهني صحت جي هڪ اڻٿڪ وڪيل ناديه جميل شامل هيون. پينلسٽس پنهنجي پيشي??ار??ڻي سفر مان حاصل ٿيندڙ انمول بصيرت بيان ڪئي جنهن ۾ صنفي حساس پاليسين کي م??ڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي قدمن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت ۽ عورتن جي م??موعي ترقي کي آسان بڻائڻ ۽ انهن کي پنهنجي مڪمل صلاحيتن جو ادراڪ ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو ويو. بيان موجب ”وومين آف سبسٽنس“ ايونٽ صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ ۽ پاڪستان جي سماجي بيهڪ ۽ عالمي حيثيت کي جوڙڻ ۾ عورتن جي انمول شرڪت کي ملهائڻ لاءِ پرڏيهي وزارت جي اڻٿڪ عزم جو ثبوت آهي.
پرڏيهي وزارت پاران عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان خصوصي تقريب جو اهتمام
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون