راولپنڊي-08 مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم م??ير چيو آهي ته بلوچستان جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي آهي، بلوچستان جي بهادر عوام تي فخر آهي، بلوچستان جو بهادر عوام هر ڏکي وقت ۾ ثابت قدم رهيو آهي. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام سا?? گڏجي امن ۽ خوشحالي جو سفر جا??ي رکندا. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم م??ير بلوچستان جي آواران ضلعي جو دورو ڪيو، ڪور ڪمانڊر بلوچستان آرمي چيف جي آجيان ڪئي ۽ ان کي سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. آرمي چيف جنرل سيد عاصم م??ير پنهنجي دوري دوران شهيدن جي وارثن، مقامي اڳواڻن ۽ آبادگارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. آرمي چيف کي پاڪ فوج جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ڪيل ڪوششن بابت به آگاهه ڪيو ويو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم م??ير ان موقعي تي اڳواڻن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي زراعت جي اهميت ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو لاءِ فوج جي عزم تي زور ڀريو. آرمي چيف شهيدن جي قربانين کي زبرد??ت خراج تحسين پڻ پيش ڪيو. هن چيو ته آبادگارن کي زرعي سهولتون، آسان شرطن تي قرض، ٻج، ڀاڻ فراهم ڪيو ويندو. جڏهن ته سولر ٽيوب ويل ۽ زرعي ماهرن جون خدمتون پڻ فراهم ڪيون وينديون. آبادگارن کي ملڪي ترقي ۾ شراڪتدار بڻائڻ ۽ آبادگاري لاءِ پڻ رهنمائي ڏني ويندي. هن چيو ته بلوچستان جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي آهي، بلوچستان جي بهادر عوام تي فخر آهي. فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام سا?? گڏجي امن ۽ خوشحالي جو سفر جا??ي رکندا. پاڪ فوج بلوچستان ۾ سول انتظاميه سا?? گڏجي ترقي ۽ امداد جو عمل جا??ي رکندي. آرمي چيف بلوچستان جي عوام لاءِ هڪ ٻيو ڪيڊٽ ڪاليج بڻائڻ واري عمل جي پڻ تعريف ڪئي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم م??ير ڪيڊٽ ڪاليج آواران جو افتتاح ڪيو ۽ ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن سان پڻ مليو، آرمي چيف چيو ته پاڪستاني فوج لاڳاپيل ادارن سا?? گڏجي بلوچستان ۾ رليف ۽ تعميري سرگرمين کي جا??ي رکندي.
بلوچستان جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي آهي، بلوچستان جي بهادر عوام تي فخر آهي: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ