اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته روس ۽ چين سميت خطي جا سمورا ملڪ افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام چاهين ٿا. ”طلوع نيوز“ کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته افغانستان کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ علائقائي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جيستائين سمورا خطا ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ افغانستان جي موجوده حڪومت کي تسليم نه ٿا ڪن پاڪستان ان حوالي سان ??ڪ قدم پڻ اڳتي نه وڌندو. هن چيو ته آئون ذاتي طور تي يقين رکان ??و ته خطي جا سمورا ملڪ چاهين ٿا ته افغانستان حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي، جڏهن ته آئون صحيح وقت بابت ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان ??ر علائقائي ملڪ ان ڳالهه کي سمجهي چڪا آهن، مون کي يقين آهي ته وقت گذرڻ سان گ??وگ?? ان کي تسليم ڪرڻ جو مسئلو حل ٿي ويندو. نگران ??زيراعظم چيو ته ڊيورنڊ لائين افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عالمي سطح تي مڃيل سرحد آهي، گڏيل قومون ۽ 206 ملڪن ان کي عالمي سرحد جي طور تي منظور ڪيو آهي ۽ افغان عوام ان بابت ڇا ٿي چوي اهو ان جو اندروني بحث آهي، جنهن سان ??ون کي ڪا دلچسپي نه آهي. هن چيو ته تحريڪ طالبان ??اڪستان (ٽي ٽي پي) کي افغانستان جي ڪجهه صوبن ۾ پناهگاهون حاصل آهن ۽ ان ??سئلي جي ڪري پاڪستن ۾ سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا ٿيو آهي. نگران ??زيراعظم چيو ته جڏهن منهنجا ماڻهو توهان جي سرزمين تي اچن ٿا ۽ ان جو استعمال ۽ ان تي ٽريننگ ڪن ۽ پوءِ اچي منهنجي قوم کي نقصان ??هچائين، ته آئون توهان کي اهو ضرور چوندس ته منهنجو ناخوشگوار ڀاءُ توهان جي سرزمين تي آهي، ڀلي توهان جي اجازت سان ??جي يا نه هجي، پنهنجي سرزمين تان بيدخل ڪري ڇڏڻ گهرجي. نگران ??زيراعظم چيو ته اهو پاڪستان جو موقف آهي ۽ اسان افغان حڪومت تي انهن ماڻهن کي ڄاڻي واڻي پناهه ڏيڻ جو الزام نه لڳايو. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ کي افغانستان جي خلاف پاڪستان جون فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
روس ۽ چين سميت خطي جا سمورا ملڪ افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام چاهين ٿا: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی