واشنگٽن- 30 جنوري (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، نيو??ار?? ۾ منعقد ٽريول اينڊ ايڊوينچر شو 2024ع دوران پاڪستان ۾ قدرتي حسن، ثقافت ۽ تاريخ رکندڙ پاڪستان پويلين ۾ عالمي برادري کي متاثر ڪيو آهي، ان سان نه رڳو صرف سياحت جي صنعت پر ملڪ جو بهترين اميج اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گل??ت بلتستان جي منصوباب??دي ۽ ترقي واري وزير راجا ناصر علي خان سان واشگنٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ملاقات دوران ڪيو. پاڪستاني سفير گل??ت بلتستان جي رٿاب??دي واري وزير کي ڪامياب شو منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون جيڪو ملڪي سياحت جي صلاحيت کي وڌيڪ اجاگر ڪندو. گل??ت بلتستان جي رٿاب??دي واري وزير ملڪي سياحتي صلاحيت کي عالمي پليٽ فارم تي ڪاميابي سان اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان نيو??ار?? ۾ پاڪستاني قونصليٽ ۽ واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان ڀرپور تعاون تي ٿورو مڃيو. هن پاڪستان جي سياحت ۾ آمريڪي شهرين جي دلچسپي تي ڳالهائي??دي چيو ته گل??ت بلتستان ايندڙ پرڏيهي سياحن ۾ آمريڪي شهري ٻئي نمبر تي آهن، پاڪستاني سفير گل??ت بلتستان ۾ تعليم جي شعبي لاءِ عالمي تعاون خاص طور تي ڊائينامڪ آرٿر جي ڪردار ۽ خدمتن کي اجاگر ڪي?? جنهن گل??ت بلتستان جي وادي هنزه جي ڳوٺ مرتضيٰ آباد ۾ سينٽر فار ايجوڪيشن ايڪسيلينس جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستاني سفير تعليم جي شعبي ۾ آمريڪي حڪومت، سول سوسائٽي، سر??دي وارن ماڻهن ۽ پاڪستاني ڄاون آمريڪي شهرين جي حمايت کي ساراهي??دي چيو ته تعليم جي شعبي ۾ تعاون پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو اهم حصو آهي. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت نوجوانن کي آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ج?? وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ، کين پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي معاشري جو هڪ قيمتي اثاثو بڻائڻ جي حوالي سان آمريڪي تعاون کي ساراهي ٿي.
پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ پاڪ آمريڪا عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو: پاڪستاني سفير مسعود خان
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی