اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪ کي درپيش چئ??ينجز ۽ مسئلن جي حل جي لاءِ قومي سطح تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيند?? چيو آهي ته ملڪ کي سياسي ورڇ ۽ معاشي مشڪلاتن جهڙا چئ??ينجز درپيش آهن، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت انهن مسئلن ۽ چئ??ينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪندي. اليڪشن ڪميشن جي ڪوريج ڪندڙ صحافين سان مانجهاندي جي موقعي تي غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت دهشتگردي جي چئ??ينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ملڪ کي درپيش چئ??ينجز ۽ مسئلن جي حل لاءِ اهل قيا??ت جي چونڊ ضروري آهي، اميد آهي 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ جيڪا به چونڊيل حڪومت ايندي اها ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندي. هن چيو ته نگران حڪومت آئين تحت ڪم ڪري رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته جيڪا ذميواري اسان کي ملي آهي ان کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت هر هڪ کي آهي، مسلم ليگ (ن) کي سنڌ ۾ ۽ پيپلزپارٽي کي پنجاب ۾ ليول پليئنگ فيلڊ جون شڪايتون آهن، جي يو آءِ سميت ڪيتريون ئي ٻيون پارٽيون به ليول پليئنگ فيلڊ جي گلا ڪري رهيُون آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.
ملڪ کي سياسي ورڇ ۽ معاشي مشڪلاتن جهڙا چئلينجز درپيش آهن: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو