اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪش??ير کي پنج سال جي ??دي لاءِ ”غيرقانوني تنظيم“ قرار ڏيڻ جي ڀارتي عملدارن جي ??يص??ي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪش??ير ٻي ڪشميري پارٽي آهي جنهن کي ڀارت غيرقانوني سرگرمين جي (روڪٿام) ايڪٽ تحت هڪ هفتي کان به گهٽ عرصي ۾ ڪالعدم قرار ڏنو آهي، ان تي پابندي کانپوءِ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڪالعدم ڪشميري سياسي پارٽين جو انگ 6 ٿي ويو آهي. بيان موجب تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪش??ير جو بنياد نا??يواري ڪشميري اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني رکيو هو جنهن جو 2021ع ۾ ڊگهي نظربندي دوران لاڏاڻو ٿي ويو هو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قابض عملدارن سندس ميت کي بي رحمي سان کسي ورتو ۽ ان جي ??يجهي مائٽن کي سندس جنازي ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏني وئي. ترجمان چيو ته سياسي پارٽين تي پابندي ڪشميري عوام کي محڪوم بڻائڻ، اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير تي پنهنجي ??بضي کي مستحڪم ڪرڻ جي ??اءِ ڀارت جي ڪڌي مهم جو حصو آهي، اهي ڪارروايون جمهوري اصولن ۽ عالمي انساني حقن سميت انساني قانونن جي ??اضح خلاف ورزي آهن. بيان موجب ڀارت کي والاريل ڪش??ير ۾ غيرقانوني طور تي ڪالعدم قرار ڏني ويندڙ سمورين سياسي پارٽين تان پابندي هٽائڻ گهرجي، ڪشميري عوام جي بنيادي حقن ۽ آزادين جو احترام ڪرڻ گهرجي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ۽ ڄمون ۽ ڪش??ير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان پاران تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير کي پنج سال جي مدي لاءِ ”غيرقانوني تنظيم“ قرار ڏيڻ جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : راکی