اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي علامه محمد اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ان جو فلسفو ۽ فڪر پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي، خودي جو ولولا انگيز پيغام ڏئي ٻين تي ڀاڙڻ بدران اقبال نوج??ان نسل کي پنهنجي دنيا پاڻ پيدا ڪرڻ جو حڪيماڻو درس ڏنو. اقبال ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان کي اقبال جي فڪر تي عمل پيرا ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي، اقبال مسلمانن جي حقيقي سڃاڻپ جي لاءِ انهن کي غفلت جي خواب مان بيدار ڪرڻ جي عملي ڪو??ش ڪئي، اڄ اسان کي جيڪي گهڻ رخا چئلينجز درپيش آهن انهن جو حل اقبال جي آفاقي تعليم ۾ لڪل آهي. هن چيو ته اقبال نوجوانن کي خودي جو پيغام ڏنو ۽ انهن کي شاهين جي زندگي اختيار ڪري مسلسل جدوجهد جو درس ڏنو، نوج??ان اقبال جو فڪر اختيار ڪري پاڪستان ۽ مسلمان امت جي حقيقي خدمت ڪري سگهن ٿا.
علامه محمد اقبال جو فلسفو ۽ فڪر پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی