اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) واحد وفاقي پارٽي آهي جنهن کي جڏهن به وطن پڪاريو، ان هن ملڪ کي مصيبتن ۽ بحرانن جي منجهدار مان حفاظت سان ڪڍيو. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو قائد م??ان محمد نواز شريف، پارٽي جي ساٿين ۽ عهديدارن ۽ ڪارڪنن جا ٿورا مڃي ٿو جن مون تي اعتماد جو اظ??ار ڪندي مون کي پارٽي جي صدارت لاءِ چونڊيو. پاڪس??ان مسلم ليگ نواز مي??ن محمد نواز شريف جي قيادت ۾ سياسي ارتقا جي مرحلن مان گذرندي ملڪ جي اها واحد وفاقي پارٽي بڻجي اڀري آهي جنهن کي جڏهن جڏهن هن ملڪ پڪاريو، ان هن ملڪ کي مصيبتن ۽ بحرانن جي منجهدار مان حفاظت سان ڪڍيو. هن چيو ته اهو پارٽي ڪارڪنن ۽ پارٽي قيادت جي وچ ۾ نه ٽٽندڙ رشتو ئي آهي جنهن جي ڪري جيترا ڀيرا به ان کي دٻائي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مسلم ليگ (ن) اڳ کان به وڌيڪ قوت ۽ عوامي حمايت سان ٻيهر اڀري. اڄ منهنجو هن ملڪ جي خدمت جو عزم وڌيڪ پڪو ٿي ويو آهي. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته مون کي سدائين قائد م??ان محمد نواز شريف جي هڪ اهڙي فرض شناس ڪارڪن طور ياد رکيو وڃي ته جنهن پنهنجون سموريون توانايون، صلاحيتون ۽ سگهه ملڪ پاڪس??ان ۽ ان جي ماڻهن جي خدمت ۾ لڳايون.
مسلم ليگ (ن) واحد وفاقي پارٽي آهي جنهن کي جڏهن به وطن پڪاريو، ان هن ملڪ کي مصيبتن ۽ بحرانن جي منجهدار مان حفاظت سان ڪڍيو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے