اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه جمهوري عمل جو حصو آهي، انه?? سان جمهوريت مستحڪم ٿئي ٿي جڏهن ته سياستدانن جي آڙ ۾ رياست جي علامتن تي حملي آور ٿيندڙن جو انهن جي پرتشدد ڪارواين تي احتساب ٿيڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽ??ئيٽ ۾ وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو ته هڪ ميز تي ويهي اتفاق راءِ سان سياسي ۽ آئيني اڳڀرائي ممڪن ٿئي ٿي جڏهن ته سياستدانن جي روپ ۾ انتشار پسند ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪرائيندڙ ??الهه ٻولهه جا اهل نه آهن. اهڙا عنصر رياست جي علامتن تي حملو ڪن ٿا، اهڙن عنصرن جي پرتشدد ڪاررواين جو احتساب ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ترقي يافته جمهوريتن ۾ به اهڙن عنصرن جو احتساب ڪيو وڃي ٿو.
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار