اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ شهرين جي بنيادي ??قن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ آئين جي پاسداري معاشري جي سمورن طبقن جي ذميواري آهي، انتظامي ا??ارٽي کانسواءِ رياست ۽ ان جي ادارن جو فرض آهي ته اهي فلاحيت تي ٻڌل نظام جي ذريعي معاشري ۾ بهتري آڻين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سماجي ڀلائي جي لاءِ عوامي خدمتن بابت ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نيٽ ورڪ فار هيومن اينڊ سوشل ڊيولپمينٽ جي ا??تمام هيٺ ان تقريب ۾ انساني خدمت ۽ انسان دوستي جي شعبي ۾ ادارن ۽ ماڻهن جي خدمتن جو ا??تر??ف ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئين شهرين کي اختيار ڏنو آهي جنهن سان سماجي ا??صاف تي ٻڌل سياسي نظام رکندڙ فلاحي رياست جو ادارڪ ٿيو آهي. هن چيو ته آئين جي بالادستي تمام ضروري آهي ڇو ته ان جا ٿنڀ تعليم، صحت، روزگار، س??اجي ۽ معاشي ا??صاف سميت مختلف شعبن ۾ بنيادي ??قن جي هدفن جو تعين ڪن ٿا. هن چيو ته آئين ڪنهن سياستدان يا اداري جو نه پر ملڪ جي هر ماڻهو بابت آهي. صدر وڌندڙ آبادي ??اص طور تي غربت، ناخواندگي ۽ بيروزگاري جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سماجي ڀلائي ۽ انسان دوستي جي ا??ميت تي زور ڏنو. يونيسيف جي ا??گن اکرن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ 22.7 ملين آهي جيڪو هڪ سنگين چئلينج آهي ۽ انهن جي تعليمي ۽ هنرمندي ??ي نظام ۾ شموليت لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي، ڇو ته ملڪ جي آبادي ??و 10 سيڪڙو خصوصي ماڻهن کي به مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. صدر هيپاٽائيٽس، ايڊز ۽ ٻين بيمارين سميت ڪيترن ئي مرضن جي مهانگي علاج جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ علاج بدران صحت جي لاءِ احتياطي طريقا اختيار ڪرڻ جي ا??ميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته قومي ترقي سماجي نگهداشت جي نظام کي لاڳو ڪرڻ ۽ ماڻهن جي زندگي ۾ بهتري سان ٻڌل آهي. ان موقعي تي ا??ن ايڇ ايس ڊي جي صدر چيو ته ان جي تنظيم آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ غربت جي خاتمي جي ذريعي آفتن جي خطري کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڏورانهن علائقن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي تعليم ۽ صحت جي سهولتن کي يقيني بڻائڻ جي ذريعي پاڪستان جي ڪمزور ڪميونٽيز جي خدمت ڪري رهي آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي اخوت فائونڊيشن جي وائيس چيئرمين بدر هارون چيو ته ان جي تنظيم 20 سالن ۾ 99.9 سيڪڙو جي شرح واپسي سان 200 ارب رپيا جي مائيڪرو فنانس قرضن جي ذريعي ماڻهن کي بااختيار بڻايو. هن ٻڌايو ته اخوت فائونڊيشن وٽ 50 سالن کان وڌيڪ عمر جا 2000 کدڙا فقير رجسٽرڊ آهن، جيڪي ا??هن کي باعزت طريقي سان طبي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن. اي سي ٽي ا??ٽرنيشنل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سيد مبشر علي شاهه بنوري چيو ته تنظيم حڪومتي کاتن سان ويجهي رابطن ذريعي تازي ٻوڏ واري هنگامي صورتحال دوران متاثر ڪميونٽيز کي خوراڪ ۽ پناهگاهن جي فراهمي جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن، ان کانسواءِ ٻج، ڀاڻ، معاش جي تربيت ۽ وڏي پئماني تي زراعت جي بحالي جو به ڪم ڪيو پيو وڃي. صدر ان موقعي تي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ سماجي ڀلائي جي لاءِ ڪردار ادا ڪندڙ تنظيمن ۽ ماڻهن ۾ تعريفي شيلڊز پڻ ورهايون.
ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ شهرين جي بنيادي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ آئين جي پاسداري معاشري جي سمورن طبقن جي ذميواري آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل