اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي هڪ لک 85 هزار مستحق خاندانن جي لاءِ اٽي جو تحفو ڏنو آهي، مستحق خاندان اٽي جو تحفو (سڀاڻي) ڇنڇر کان ??اص?? ڪري سگهندا، مست??ق ماڻهو مفت اٽو اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي 40 پوائنٽس تان ??اص?? ڪري سگهندا، مست??ق ماڻهن جي ڊيٽا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ڳنڍيل هوندي، انتظار جي زحمت کان بچڻ جي لاءِ مست??ق ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نمبر 8171 تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلي اٽو ??اص?? ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اهليت جانچي سگهن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مهانگائي جي دور ۾ حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته اٽي جي فراهمي جي وقت عوام کي ڊگهي قطار جي زحمت کان بچائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ رمضان المبارڪ دوران اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي عوام کي ريليف جي فراهمي جي حوالي سان اهم اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رمضان دوران وفاقي حڪومت پاران اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي هڪ لک 85 هزار مستحق خاندانن جي لاءِ اٽي جو تحفو ڏنو ويندو، اهي خاندان جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان رجسٽرڊ آهن ۽ جنهن جو پاورٽي اسڪور (پي ايم ٽي) 60 يا ان کان گهٽ آهي اهي 18 مارچ 2023ع کان ان سهولت مان فائدو کڻي سگهندا، رجسٽرڊ خاندان هڪ مهيني دوران 30 ڪلو اٽو ??اص?? ڪري سگهندو، مست??ق ماڻهو مفت اٽو اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي 40 پوائنٽس تان ??اص?? ڪري سگهندا، مست??ق ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نمبر 8171 تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلي اٽو ??اص?? ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اهليت جانچي سگهن ٿا. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي شڪايت جي لاءِ ٽال فري نمبر 05590 – 0800 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر طارق فضل چوڌري، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران اسلام آباد جي هڪ لک 85 هزار مستحق خاندانن جي لاءِ اٽي جو تحفو، مُفت اٽو يوٽيلٽي اسٽورز تان ملندو
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت