گڏيل قومون – 23 ̵1; س??پٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديليون سڄي دنيا جو گڏيل مسئلو آه??، پاڪستان ۾ هن وقت ٻوڏ سبب هيلٿ ڊيزاسٽر آه??، سرديءَ اچڻ واري آه??، ٻوڏ متاثرين کي دوائون، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ چادرن وغيره جي سخت ضرورت آه??، جيڪي ماڻهو ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا اهي پنهنجي مرضي سان پاڻ اين ڊي ايم اي ۽ سول سوسائٽين جي ذريعي به مدد ڪري س??هن ٿا. گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ لابي ۾اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان ۾ ٻوڏ، موسمياتي تبديلي“ جي موضوع تي ٿيندڙ تصويري نمائش جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيتريون ئي عورتون اميد سان آه??، هن وقت اتي ٻا??ن جي کير، ٻا??ن جي خوراڪ سميت ٻين شين جي سخت ضرورت آه??. هن چيو ته وزيراعظم سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خيمن جي ورڇ جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون هيون. انهن علائقن ۾ متاثرين جي ضرورت موجب خيما ورهايا پيا وڃن. هن چيو ته اين ڊي ايم اي روزاني جي بنياد تي عوام کي پنهنجي ڊيٽا فراهم ڪري ٿي ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ويندو آه?? ته ڪنهن جڳهه تي ڪهڙي شيءَ جي ضرورت آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سڀئي ڪوششون استعمال ۾ آنديون پيون وڃن. گذريل ڏينهن وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ خبر پئي ته پيناڊول ۽ پيراسيٽامول جي گهٽتائي آه??. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري پکڙجندڙ بيمارين ۽ ڊينگي جي ڪري پيناڊول ۽ پيراسيٽامول جي کپت ۾ اضافو ٿيو آه??. انهن دوائن جي ڊيمانڊ وڌيڪ ۽ پيداوار گهٽ آه??. جڏهن ته پيداواري لاڳت وڌيڪ آه??. هن چيو ته وزيراعظم واضح طور تي هدايت ڪئي آه?? ته انهن دوائن جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪيو وڃي. وزيراعظم ناڻي واري وزارت کي انهن دوائن تي سبسڊي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيڪي اين جي اوز بند آه?? انهن جي اسڪريننگ جو پراسيس گهرو وزارت شروع ڪري ڇڏيو آه??. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هن وقت اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آه??. جنهن کي وزيراعظم به ساراهيو آه??. جڏهن ته عوامي سطح تي به انهن کي ساراهيو پيو وڃي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ سول سوسائٽي جو هڪ ڪردار آه??، جڏهن حڪومتي ڪوششن ۾ اهو ڪردار شامل ٿئي ٿو ته ڪنهن به ڊيزاسٽر کي منهن ڏئي س??هجي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت جو هن وقت ڌيان ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي تي آه??. گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان وزيراعظم ??ال??ي سطح تي آواز اٿاريو آه??، جيڪو سڄي دنيا جو گڏيل مسئلو آه??.
گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديليون سڄي دنيا جو گڏيل مسئلو آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ