اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بينڪ چيو آهي ته پ??ڪس??ان کي آفتن جي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مالياتي وسيلن ۽ استعداد ۾ اضافي جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ايشيا ترقياتي بينڪ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2010ع ۽ 2015ع ۾ آيل ٻوڏ ملڪ ۾ آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ آبادگارن کي 32.6 ارب روپين جو نقصان پهچايو جڏهن ته متاثر آبادگارن جي مدد لاءِ حڪومت پ??ڪس??ان 6.7 ارب روپيه (67 ملين ڊالر) فراهم ڪيا، جيڪي گهربل رقم جو صرف 18.5 سيڪڙو آهي. رپورٽ ۾ قومي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مينيجمنٽ فنڊز جي مالي ۽ فني مهارت ۾ اضافو ۽ ان حوالي سا?? لاجسٽڪ ۽ دائريڪار ۾ توسيع جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي. 2010ع جي نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ ايڪٽ تحت نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ فنڊ قائم ڪيو ويو، هر صوبائي حڪومت جي انتظام هيٺ ڊزاسٽر مينيجمنٽ فنڊز جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي جنهن جو مقصد متاثر آبادي کي رهائش، خوراڪ، پيئڻ جو صاف پاڻي، طبي امداد ۽ ٻين خرچن کي پورو ڪرڻ آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ مطابق فنڊز کي فعال ڪرڻ، ماليا??ي طريقيڪار جي بهتر نظام ۽ صوبن ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار کي معياري بنائڻ اهميت رکي ٿو.
پاڪستان کي آفتن جي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مالياتي وسيلن ۾ اضافي جي ضرورت آهي: ايشيائي ترقياتي بينڪ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی