فيصل آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) حڪومت والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ۽ والاريل خطي جي اڳوڻ?? آئيني حيثيت جي بحالي لاءِ عالمي سطح تي آواز اٿاري، آزادي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن س??ن گڏ آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار ايم پي اي علي عباس خان اي پي پي سان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته والاريل ڪشمير تي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي حوالي سان عالمي سطح تي آواز اٿاري. هن چيو ته عالمي دنيا کي ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ کي بند ڪرائڻ گهرجي ۽ ڪشمير جي اڳوڻ?? آئيني حيثيت بحال ڪرڻ جي لاءِ ق??م کڻڻ گهرجن. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ان کي حاصل ڪري ئي سک جو ساهه کڻنداسين. ڪشمير جي آزادي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين ڀائرن س??ن گڏ آهيون انهن س??ن گڏ بيٺل آهيون. انهن جي سفارتي، سياسي، سماجي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين.
حڪومت والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ۽ والاريل خطي جي اڳوڻي آئيني حيثيت جي بحالي لاءِ عالمي سطح تي آواز اٿاري: ايم پي اي علي عباس خان
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات