سيالڪوٽ ??? 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير ف??يڊ?? موومينٽ جي ڪنوينر ڊاڪٽر زاهد غني ڊار چيو آهي ته ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد جو آواز اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي چڪو آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري آزادي جي نعمت سان همڪنار ٿيندا. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڀارتي ??ڪومت جو قدم غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي، جنهن جي اسان ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ننڍي کنڊ پاڪ هند ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ ڪشمير تڪرار جو جلد ۽ پرامن حل لا??مي آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڀارت تڪراري قانون ۾ ترميم واپس وٺي ۽ والاريل ڪشمير جي 5 آگسٽ 2019ع کان اڳ ??اري حيثيت بحال ڪري. هن چيو ته ڀارتي ??ڪومت جي قدمن سان نه رڳو سڄي دنيا جي ڪشميرين ۾ اضطراب جي لهر ڊوڙي وئي پر ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي هر علائقي ۾ ان جي خلاف سخت ردعمل سامهون آيو. ڀارتي ??ڪومت صدارتي ??رڊيننس ذريعي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي آئين ۾ موجود 370 ۽ 35 اي تحت سڄي ڄمون ۽ ڪشمير کي ڀارتي ??وام جي لا??ِ کوليو ويو ۽ اتي ??چي زمين جا ملڪيتي ??ق وٺي سگهن ٿا ۽ اتان جو ڊوميسيائيل به وٺي سگهن ٿا. ڀارتي ??ڪومت جو اهو هڪ وڏو سازشي عمل هو، جنهن جي ذريعي هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاگرافيائي تبديليون آڻڻ سان گڏوگڏ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادي جي تناسب کي بدلائڻ چاهيو پئي.
ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد جو آواز اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي چڪو آهي: ڊاڪٽر زاهد غني ڊار
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil