اسڪردو – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي پائيدار ترقي ل??ءِ معياري تعليم ۽ هنرمندي افرادي قوت اڻٽر آهي، پيشيوراڻي تربيت حاصل ڪرڻ سمورن شا??رد?? خاص طور تي شا??رد??اڻين لاءِ اهم آهي، شاگرد ڊجيٽل مهارت ۽ فري ل??نسنگ جي تربيت سان مالي خودمختياري جي خواب کي شرمنده تعبير ڪري سگهن ٿا. اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن يونيورسٽيي آف بلتستان جي پنجين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو، صدر ڪامياب ٿيندڙ شا??رد??، والدين ۽ استادن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي روشن مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ل??ءِ گلگت بلتستان جي قدرتي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ باصلاحيت ۽ هنرمندي افرادي قوت جي ضرورت آهي، صرف هنرمند افرادي قوت جي ذريعي ئي معاشي انقلاب آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته مارڪيٽ کي تربيت يافته پروفيشنل خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ هنرمند ماڻهن جي ضرروت آه??، 2030ع تائين دنيا کي سابئر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ 8 ڪروڙ ماهرن جي ضرورت هوندي، هن چيو ته 2 سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام جي گهرج ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسان جي يونيورسٽين کي ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري نوجوانن خاص طور تي عورتن لاءِ عالمي مارڪيٽ جا دروازا کلي ويا آهن، نوجوانن سميت عورتون گهر ويٺي آن لائين روزگار ڪمائي سگهن ٿيون، صدر چيو ته اسلام ۾ عورتن جي ڪاروبار ڪرڻ تي ڪابه پابندي نه آهي، ان لاءِ عورتن شا??رد?? کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل اسڪلز تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جنهن سان هو پنهنجي گهر ۾ رهي آساني سان باعزت روزگار ڪمائي سگهن ٿيون، هن شا??رد?? تي زور ڏنو ته هو پنهنجي ڪميونيڪيشن اسڪلز کي بهتر ڪن ??ه جئين هو ڊجيٽل ۽ آن لائين پليٽ فارمز جي ذريعي موثر مارڪيٽنگ ڪري سگهن، هن چيو ته موسمياتي تبديلي خطي جي مستقبل لاءِ وڏو خطرو آهي ان لاءِ يونيورسٽين کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تحقيق کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ماحول جي تحفظ ۽ ماحول دوست طريقن تي عملل ڪري موسيماتي تبديلي جي بحران ۽ عالمي حدت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششن جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گلگت بلتستان ۾ اچي سدائين خوشي ٿيندي آهي،هن علائقي وانگر هتي جا ماڻهو به خوبصورت آهن جيڪي ملڪي ترقي، استحڪام ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن، هن چيو ته شا??رد?? کي سخت محنت ڪري تعليم حاصلڪ ئي آهي جيڪا انهن لاءِ الله جي رحمت آهي، هن شآ??رد?? تي زور ڏنو ته هو پنهنجا دماغ کليا رکن ۽ سڄي زندگي تعليم حاصل ڪرڻ جاري رکن. صدر مختلف شعبن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شا??رد?? ۾ ميڊلز به ورهايا.
گلگت بلتستان جي پائيدار ترقي لاءِ معياري تعليم ۽ هنرمندي افرادي قوت اڻٽر آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس