اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن کي 10 سال کان منتظر بيواهن کي انشور??س جي رقم جي ادائيگي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته بيواهن کي گروپ انشور??س جي ادائيگي کان ??نڪار غ??رم??صفاڻو عمل ۽ بدانتظامي آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن کي هدايت ڪئي ته هو فائر برگيڊ ڊپارٽمينٽ ملتان ??ي فائر مينن جي بيواهن کي گروپ انشورنس ادا ڪري. تفصيل موجب مختار مائي، نوران مائي، نسيم مائي ۽ عذرا بي بي جا گهروارا سروس دوران لاڏاڻو ڪري ويا هئا. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته غريب بيواهن کي 10 سالن تائين انشور??س جي رقم ادا نه ڪئي وئي، بيواهن کي گروپ انشور??س جي ادائيگي کان ??نڪار غ??رم??صفاڻو عمل ۽ بدانتظامي آهي، اهو رويو ڪمپني جي ساک تي بدنما ڌٻو ۽ پاڪستان ??ي آئين جي اصولن جي خلاف آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي في??لي جي خلاف اسٽيٽ لائيف جي اپيل به رد ڪري ڇڏي ۽ بيواهن کي گروپ انشور??س جي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو. هن لاڳاپيل قانونن تحت ذميوار اهلڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ 30 ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو. بيواهن پنهنجي گهروارن جي گروپ انشور??س جي رقم جي لاءِ اسٽيٽ لائيف کي درخواست ڏني هئي، رقم نه ملڻ تي هن وفاقي محتسب سان ??ابطو ڪيو جنهن انشورنس ڪليمز ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا، اسٽيٽ لائيف محتسب جي في??لي جي خلاف صدر وٽ هڪ درخواست داخل ڪئي هئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گروپس انشور??س جي ڪٽوتي فوتي گهروارن جي پگهار مان ??اقاعدگي سان ڪئي ويندي هئي، رڪارڊ کان ??بر پئي ته پنجاب حڪومت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي وچ ۾ معاهدو طئي ٿيو هو. پنجاب جي سمورين مقامي حڪومتن جا ملازم معاهدي تحت گروپ انشور??س جا حقدار آهن. حقيقتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ص??ر ڪمپني جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. صدر وفاقي محتسب جي في??لي جي خلاف اسٽيٽ لائيف جي اپيل رد ۽ بيواهن کي گروپ انشور??س جي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي چيو ته فوت ٿيندڙ فائر مين ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ملتان ??و ريگيولر ملازم هو، ملازمن سروس جي دوران ??نيادي پگهار جي اسڪيلز موجب ماهوار پريميم ادا ڪيو، شڪايت ڪندڙن انشورنس ڪمپني جا سمورا گهربل دستاويز پڻ فراهم ڪيا. انشورنس ڪمپني جو موقف غلط، بي بنياد ۽ بنا جواز آهي تنهن ڪري ان کي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. صدر چيو ته ڪمپني معاهدو تحت شڪايت ڪندڙن کي گروپ انشورنس ڪليمز ادا ڪرڻ جي پابند آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪم ڏنو ته اسٽيٽ لائيف انشورنس بيواهن کي انهن جي گهروارن جي انشور??س جي رقم ادا ڪري.
صدر پاران اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن کي 10 سال کان منتظر بيواهن کي انشورنس جي رقم جي ادائيگي جو حڪم
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب