اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي اقتصادي فورم جي ٽن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري موجب پرڏيهي وزير کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت عالمي اقتصادي فورم جي صدر ڏني آهي، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر به پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سا?? گڏ آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 23 کان 26 مئي تائين ڊيووس ۾ فورم جي سا??ياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، پرڏيهي وزير ۽ مملڪتي وزير ٻئي حاضر عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي عالمي اقتصادي فورم جي ڪيترن ئي تقريبن ۾ شرڪت ڪندا. پرڏيهي وزير اڀرندڙ جاگرافيائي سياسي اڳڀرائي جي معاشي ۽ سماجي اثرن سا?? گڏوگڏ ڪورونا وب??، خوراڪ ۽ توانائي جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن جي باي ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندا، بلاول ڀٽو زرداري سا??ياني اجلاس ۾ شرڪت پنهنجي هم منصبن سا?? ملاقات ۽ ميڊيا سا?? ڳالهه ٻولهه به ڪندو، ورلڊ اڪنامڪ فورم هر سا?? سياسي ۽ ڪاروباري اڳواڻن سا?? گڏوگڏ عالمي تنظيمن جي نمائندن، سول سوسائيٽي ۽ سڄي دنيا کان نوجوانن جي نمائندگي کي گڏ ڪري ٿو ته جيئن معاشي، سماجي ?? ماحولياتي چئلينجن تي ضابطو آڻن لاءِ راهن جي نشاندهي ڪري سگهجي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڊيووس روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب