اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اڳوڻي و??يراعظم سينيٽر يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته عمران خان پنهنجي شڪست تسليم ڪري، آخري بال تائين وڙهڻ جي دعويٰ ڪندي وڪيٽون کڻي ڀڄي ويو آهي. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته اڄ مخالف ڌر اڳواڻ گرفتارين جي ڳالهه ڪري ٿو، ڇا کيس مريم نواز، خورشيد شاهه ۽ حمزه شهباز کي جهڙي طرح گرفتار ڪيو ويو اهو ياد نه آهي. ملتان ۾ پي ڊي ايم اي جي جلسي ۾ جيڪي رڪاوٽون وڌيون ويون اهي سڀني کي ياد آهن، پي ٽي آءِ 120 ڏينهن ڌرڻو هنيو پر ڪنهن رڪاوٽون نه وڌيون، پي ٽي آءِ ڊڪٽيٽ ن??ي ڪري سگهي ته چونڊُون ڪڏهن ڪرايون وڃن، هن چيو ته اڳوڻي و??يراعظم جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ قانون ۽ آئين موجب منظور ٿي، جيڪي اتحادي ڇڏي ويا انهن کي غدار قرار ڏئي رهيو آهي، عمران خان پنهنجي شڪست تسليم ڪري ??ٺي?? اڄ ڊيوڊلو کان به هو است??يف?? گهري رهيو آهي، سڀاڻي جوبائيڊن کان به است??يف?? گهري سگهي ٿو.
عمران خان پنهنجي شڪست تسليم ڪري، آخري بال تائين وڙهڻ جي دعويٰ ڪندي وڪيٽون کڻي ڀڄي ويو: سينيٽر يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات