اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ??حريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته سياسي استحڪام جو بهترين رستو چونڊون آهن، ملڪ کي استحڪام طرف نه آندو ته ملڪي معيشت کي شديد نقصان ٿيندو، آرٽيڪل 63 اي آئين جو حص?? آهي، اها ڳالهه هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڊي چوڪ تي ميڊيا سانڳ الهائيند?? ڪئي، چوڌري فواد حسين چيو ته بي اعتمادي رٿ جي معاملي سان گڏوگڏ اسان کي ڏسڻو پوندو ته آرٽيڪل 63 اي جي خلاف ورزي ٿي يا نه، ماڻهن کي رڍن ٻڪرين وانگر خريد ڪيو ويو ۽ سنڌ هائوس ۾ رکيو ويو، هن چيو ته اهو ڪهڙو مٽيريل هو جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر ان نتيجي تي پهتو ته بي اعتمادي رٿ نٿي ٺ??ي، اهو مٽيريل ڊاڪٽر بابر اعواڻ پيش ناهي ڪرڻو، ان ??ي ان ڪئميرا ڳالهه ڪري سگهجي ٿي، اهو مٽيريل اٽارني جنرل يا وزيراعظم جو وڪيل ان وقت پيش ڪري سگهن ٿا جڏهن عدليه انهن کي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيندي، هن چيو ته پاڪستان ??ي اندر جلد کان ??لد سياسي استحڪام جي ضرورت آهي، سياسي استحڪام لاءِ اسان کي اليڪشن طرف وڃڻ گهرجي، سياسي عدم استحڪام جي ڪري ڊالر جو اگهه 186 روپين تي پهچي وي?? آهي جيڪڏهن اهو عدم استحڪام جاري رهيو ته اسان معاشي بهتري لاءِ جيڪي قدم کنيا هئا اهي به ضايع ٿي ويندا، چوڌري فواد حسين چيو ته سياسي استحڪام لاءِ بهترين رستو چونڊون آهن، ن ليگ ۽ مخالف ڌر جو به مطالبو هو ته ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته اسيمبلي تحليل ٿي وئي آهي، هاڻي پٽيشن اها آهي ته اسيمبلي صحيح طريقي سان ??حليل ناهي ٿي ان کي بحال ڪيو وڃي، اسان ??ي اعتمادي رٿ آڻيون ۽ پوءِ حڪومت کي موڪليون، هن چيو ته مخالف ڌر جي سوچ انهن جي پيرن تي محدود آهي، ملڪ کي استحڪام طرف نه آندو ته ملڪي معيشت کي شديد نقصان ٿيندو.
سياسي استحڪام جو بهترين رستو چونڊون آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا