اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زير مخدو شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏيهي ??عاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي ??زارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس سان گڏ ايشيا بابت ??يلي ڪميٽي جو چيئرمين ڪانگريس مين ايمي بيرا پڻ موجود هو. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلسچپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ??زير آمريڪي ڪانگريس جي وف?? جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ تعميري رابطن سان خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ??ي. هن چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي پرڏيهي ??زير چيو ته آمريڪا پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊي آهي. پرڏيهي ??زير وف?? جي ميمبرن کي پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ميسر موقعن کان آگاهه ڪندي آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني. آمريڪي سيڙپڪار ڪمپنيون، پاڪستان جي تيزي سان وڌندڙ آءِ ٽي شعبي ۽ 200 ملين ماڻهن تي ٻڌل وسيع مارڪيٽ مان فائدو کڻندي بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. پرڏيهي ??زير پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ڳالهه ٻولهه دوران خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي ٺوس ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي ??زير آمريڪي ڪانگريس جي وفد کي افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران فراهم ڪيل معا??نت کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته تازو ئي پاڪستان ۾ منقعد ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي حوالي سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس ۽ ايمي بيرا پاڪستان جي دوري دوران پرخلوص مهمان نوازي تي پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏيهي ??عاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس ڪابل مان آمريڪي ۽ ٻين شهرن جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪيل ڀرپور معا??نت تي پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس پاڪستان آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت کي تسليم ڪندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. آمريڪي ايوان نمائندگان جي وفد آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄاون آمريڪين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڌرين پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.
پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز