اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن جو ڌ??ان ڇڪرائي سگهجي. حڪومت پاران ڪاروبار ۾ آساني کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ شروع ڪيل سڌارن جا نتيجا اچڻ شروع ٿيا آهن ۽ عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان جو رينڪ 136هين پوزيشن مان بهتر ٿي 108 هين نمبر تي اچي ويو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد چيمبر جي صدر فدا حسين دشتي جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته حڪومت ڪاروبار ۽ صنعتي شعبن جي سهولت ۽ مضبوطي تي ڌ??ان ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ واپاري برادري ۽ معاشري جي ٻين ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌ?? ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت ملڪ ۾ انٽرپرينيورشپ ۽ نن??ي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 100 ارب روپيا مختص ڪيا آهن ۽ نوجوانن کي آسان شرطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري رهي آهي. وفد صدرکي قومي معيشت ۾ ڪوئيٽا جي ڪاروباري برادري جي ڪردار ۽ درپيش مسئلن کان آگ??هه ڪيو. صدر وفد کي يقين ڏياريو ته انهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد ??ئي ويندي.
سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: صدر
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania