اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هاڻي پاڪ??تا?? جنگ ۾ نه امن ۾ حصيدار رهندو، پاڪ??تا?? آئنده به افغان??تا?? ۾ امن جي قيام لاءِ ڪوششون جاري رکندو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار جانين جون قربانيون، 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، دنيا کي ان جو اعتراف ڪرڻو پوندو، گڏيل قومن جي رپورٽ موجب 9 ملين افغان غربت جي هيٺين سطح کان به هيٺ آهن، ان تي دنيا کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي،
هو گلوبل پيس چين جي اهتمام هيٺ ”افغان??تا?? جي نئين سر تعمير تي گول ميز ڪانفرنس“ کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪ??تا?? دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو 4 ملين کان وڌيڪ افغان پناهگيرين جي ميزباني ڪري رهيو آهي، افغانين جو وڏو تعداد هاڻي به پاڪ??تا?? ۾ موجود آهي، جڏهن پاڙيسري ملڪ ۾ باهه لڳل هجي ته چڻنگ توهان جي گهر ۾ به ايندي آهي، پرامن افغان??تا?? ئي پرامن پاڪ??تا?? آهي، هن چيو ته پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ناطي افغان تجارت، علاج سميت هر مشڪل ۾ پاڪ??تا?? ڏانهن ڏسندا آهن. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن، انهن جي فنانسنگ ڪندڙ ۽ انهن جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙي امن قائم ڪيو آهي،
هن چيو ته وزيراعظم عمران خان وزيراعظم بڻجڻ کان پهرين به افغان??تا?? مسئلي جي حل جي حوالي سان ڪليئر هو، هن سدائين افغان مسئلي جي سي??سي حل ۽ ڳالهين تي زور ڏنو، قطر ۾ طالبان جي سي??سي آفيس ٺهڻ کان پوءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي گڏجي ويهڻ جو موقعو مليو ۽ معاملن ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي، ان مشڪل مرحلي ۾ جيڪڏهن دنيا افغان??تا?? کي اڪيلو ڇڏيو ته ان جا منفي نتيجا نڪرندا. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ جو رستو افغان??تا?? مان آهي، معاشي ترقي ۽ استحڪام به انهي ۾ آهي، هن چيو ته دوحا ڳالهين ۾ ٿيندڙ 4 ڳالهين تي عمل ضروري آهي، افغان??تا?? جي سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي.
افغان??تا?? جي موجوده سي??سي نظام ۾ انساني حقن جو خيال رکيو وڃي. هن چيو ته پاڪ??تا?? افغان??تا?? مان نڪرڻ ۽ انساني امادد جي افغان??تا?? تائين پهچ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته پاڪ??تا?? هڪ ذميدار ۽ امن سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، هن چيو ته افغان??تا?? ۾ طالبان جي حڪومت آهي، دنيا کلي دل سان ان کي تسليم ڪري، اسان جي اها ئي ڪوشش رهي آهي ته افغان??تا?? ۾ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي متفقه حڪومت هجي، ته جيئن افغان??تا?? ۾ خانه جنگي نه ٿئي ۽ گذريل 40 سالن کان افغان??تا?? ۾ عدم استحڪام ج?? خاتمو ٿي سگهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي تازي خطاب ۾ به انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته دنيا افغان??تا?? کي پنهنجو ڪري، اتي جي ماڻهن جي مدد ڪري.