اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين ??ي او سي) کي ٻڌايو ويو آهي ت?? وزيراعظم عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ 1227 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪيا ويا آهن. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين ??ي او سي) جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽرين پاران سمارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان تازي صورتحال، ذاتي تحفظ جي اوزارن (پي پي ايز) ۽ ماسڪ جي فراهمي، ڪورونا وبا جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ اسپتالن ۾ ”ريمپ اپ پلان“ جو جائزو ورتو ويو. اين ??ي او سي ??ي ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪورونا وائرس جي مريضن جي بهتر علاج جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي هيستائين ??ڄي ملڪ جي مخت??ف اسپتالن ۾ وڌيڪ 1227 بستر شامل ڪيا ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز