اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سان ڪراچي ۾ اتحادي پارٽين جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، نجڪاري وارو وفاقي وزير محمد ميان سومرو، سامونڊي معاملن واو وفاقي وزير سيد علي زيدي به موجود هئا، وزيرا??ظم سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ وسيم اختر، ڪنور نويد، ڪشور زهره، فردوس شميم نقوي، حليم عادل شيخ، سيد آفريدي، اشرف قريشي، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، عرفان مروت، اياز لطيف پليجو، سردار عبدالرحيم، حسنين مرزا شامل هئا. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم وفد سان ڳالهائيندي چيو ته ماضي ۾ اقتدار ۾ رهندڙ سياسي قيادت عوامي خدمت نه ڪئي، هنن صرف پنهنجي ذاتي مفادن خاطر اقتدار کي استعمال ڪيو.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت