اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشر??ات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪفايت شعاري ۽ سادگي مهم جي باقاعده شروعات پنهنجي ذات کان ڪئي، هو 1100 ڪينال جي وزيراعظم هائوس کي ڇڏي 4 ڪينال کان به گهٽ واري گهر ۾ منتقل ٿيو آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم جي ميڊيا بابت خصوصي معاون افتخار دراني س??ن گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس ۾ چئي. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته جنهن ملڪ ۾ 8 ڪروڙ ماڻهن کي صاف ٽوائلٽ جي سهولت نه هجي، 21 سيڪڙو ماڻهو ماحولياتي آلودگي س??ب موت جي ور چڙهي وڃن، جتي عورتون ويم دوران موت جي ور چڙهي وڃن ۽ جيڪو ملڪ انساني وس??لن جي درجابندي ۾ 188 ملڪن مان 147 هين نمبر تي هجي، ا?? ملڪ جا حڪمران ڪيئن وڏن وڏن محلن ۾ پنهنجي شاهاڻي زندگي جي لاءِ عوام جي ٽيڪس جو پئسو بيدردي س??ن استعمال ڪري سگهن ٿا.
وزيراعظم ڪفايت شعاري پنهنجي ذات کان شروع ڪئي آهي: سينيٽر فيصل جاويد
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ