اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ايران سميت سمورن پاڙيسرين س??ن واپار جو خواهشمند آهي، ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعميري ۽ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، پاڪستاني معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ اسان جو اهم ترين هدف آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ اير??ن جي س??ير مهدي هنردوست سان ڳالهائيندي چئي جنهن بني گالا ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. عمران خان چيو ته پنهنجي س??امتي جي تحفظ لاءِ ايران جو ڪردار تحسين جوڳو آهي. تحريڪ انصاف ميڊيا سينٽر موجب اير??ن جي س??ير مهدي هنردوست پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي چو??ڊن ۾ ڪاميابي تي ايراني صدر پاران مبارڪباد جو پيغام پهچايو.
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا