اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ فاٽا جي ترقياتي خرچن ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي لاءِ منظور ٿيل حد وڌائي 40 ڪروڙ روپيا ڪئي وئي آهي، ترقياتي ڪميٽي کي هڪ ارب روپين تائين ترقياتي خرچ منظور ڪرڻ جا اختيار به ڏنا ويا آهن، جڏهن ته 12هين پنج سالا ??نصوبي (23-2018) جي سماجي ۽ اقتصادي مقصدن جي منظوري ڏيندي صوبائي حڪومتن کي پائيدار ترقياتي هدف حاصل ??رڻ لاءِ ضلعي سطح تي اداره جاتي نظام جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ منعقد ٿيو.
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ