??يخ??پوره – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ??هي ته هن سال 10 هزار ميگاواٽ بجلي نظام ۾ شامل، ايندڙ سال لوڊشيڊنگ مڪمل ختم ٿي ويندي، بجلي سستي به ڪنداسين، پهچ جو انتظام به ڪيو ويو آ هي، اسان محنت رنگ ڏيکاري رهي آهي، ثمر ملڻ جو وقت اچي رهيو ??هي جنهن محنت ڪئي ??هي اهو ئي وڃي ڦيٿو ڪاٽيندو. ??يخ??پوره ويجهو ڀکي پاور پلانٽ تي ڪم جي رفتار جو جائزو وٺ?? کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. گئس سان هلندڙ هي بجلي گهر 1180 ميگاواٽ جي مجموعي پيداوار رکندڙ ??هي ۽ 2018ع تائين مڪمل طور تي فعال ٿي ويندو. هي پلانٽ گرمين جي موسم کان اڳ شروعاتي طور تي 716 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو. سست?? ۽ ??ديد ترين ٽربائن سان هلندڙ هن منصوبي تي 84 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف ڀکي پاور پلانٽ جي منصوبي جو ذڪر ڪندي چيو ته سوا سال اڳ آياسين ته هتي فصلن جي وچ ۾ بيٺل هئس الله تعاليٰ جي مدد سان اسان سوا سال ۾ ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو.
ايندڙ سال لوڊشيڊنگ مڪمل ختم ٿي ويندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر