اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ??ون?? سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪي ايندڙ مهيني بل جي صورت ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون وينديون جنهن تحت اليڪشن ڪميشن کي مڪمل انتظامي ۽ مالياتي خودمختياري ڏني ويندي، ??ون?? تڪ وڌائڻ جي حوالي سان فيصلو آ??مش??اري کانپوءِ ڪيو ويندو. ڪابينا ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فائرنگ سبب شهيد ٿيندڙن جي پونيئرن کي 5 لک رپيا ۽ سخت زخمين کي ڏيڍ لک رپين جي ادائيگي جي پڻ منظوري ڏني ??هي. افغان پناهگيرن جي رجسٽريشن جو عمل ڊسمبر 2017ع تائين مڪمل ڪيو ويندو ?? سرحد تي اميگريشن جا قانون لاڳو ڪيا ويندا. اها ڳالهه قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌائي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سڄي ملڪ ۾ 46 جديد اسپتالون هنگامي بنيادن تي تعمير ڪيون پيون وڃن.
وفاقي ڪابينا پاران پارلياماني ڪميٽي جون سفارشون منظور
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج