رياض-17 اپريل (اي پي پي ) خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود پنهنجي ڌار ??ار بيانن ۾ سلطنت عمان جي فرمانروا هيثم بن طارق سان سندس ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان ??ي افسوس جو اظهار ??ندي تعزيت، همدردي ۽ نيڪ تمنائن جو پيغام موڪليو. ايس پي اي موجب خادم الحرمين الشريفين پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ چيو ويو آهي ته اسا?? کي تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب سلطنت عمان ۾ شهرين جي جاني نقصا?? کي افسوسناڪ خبر ملي اسا?? کي ??ن قدرتي سانحي تي ڏک آهي. اسان مشڪل وقت ۾ سلطنت عمان جي حڪومت ۽ برادر عوام جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ٻئي پاسي ولي عهد ۽ ??زي??اعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز به عمان جي سلطان هيثم بن طارق کي برسات سبب متاثرن لاءِ تعزيت ۽ همدردي جو پيغام موڪليو . هن ??ن قدرتي سانحي جي متاثرين سان دلي همدردي جو اظهار ??ندي زخمين جي جلد صحتيابي ۽ گم ٿيل شهرين جي خيريت سان واپسي جي دعا ڪئي. واضح رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سلطنت عمان ۾ ٿيل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪيترائي ماڻهون اجل جو شڪار ۽ گم ٿي ويا هيا .
سعودي عرب جي خادم الحرمين الشريفين ۽ ولي عهد پاران ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوتگين تي عمان جي فرمانروا سان تعزيت
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے