واشنگٽن _26 فيبروري (اي پي پي ) آمريڪي سيڙپڪاري بينڪ گولڊ مين ساڪس ان توقع جو اظهار ڪيو آهي ته 2040ع تائين چين آمريڪا کي پوئتي ڌ??ي دنيا جي وڏي معاشي طاقت بڻجي ويندو. جڏهن ته سعودي عرب دنيا جي 15 هين وڏي معيشت بڻجي ويندو . اردو نيوز مطابق گولڊ ساڪس پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو ته 2040 ع ۾ سعودي عرب جي متوقع جي ڊي پي 2.4 ٽريلين ڊ??لر (9 ٽريلين ريال ) جڏهن ته آبادي ساڍا چار ڪروڙ تائين پهچي ويندي .رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 2040 ع ۾ چين آمريڪا کي پوئتي ڪري 34.1 ٽريلين ڊ??لر جي ڊي پي سان گڏ دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت بڻجي ويندو. جڏهن ته آمريڪا جو جي ڊي پي ان وقت تائين 32 ٽريلين ڊ??لر تائين پهچي سگه?? ٿو . ان کان علاوه عالمي معيشت جي اوسر واري شرح هلندڙ سال 3.1 سيڪڙو تي بروقرار رهندي جڏهن ته ايندڙ سال ان ۾ 3.2 سيڪڙو تائين مستحڪم رهندي .
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت