اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمر??ن خان جو انتشار ۽ ا??زامن جي سياست تي ٻڌل موقف سدائين تبديل ٿيندو رهندو آهي. پاڪستان نيشنل آف دي آرٽ (پي اين سي اي) ۾ ٻئي پاڪستان انٽرنيشن مائونٽين فلم فيسٽيول (آءِ ايم ايف ايف) جي م??قعي تي ڳالهائيندي م??لڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته دهشتگردي پاڪستان کي متاثر ڪيو آهي جنهن سبب ماڻهن کي مثبت تفريح جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪري سگهجي. هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي ۽ ا?? حوالي سان ماڻهن کي م??قعا فراهم ڪ??ڻا پوندا. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف مون کي سڀ کان اڳ فلم جي صنعت لاءِ پاليسي ٺاهڻ جي لاءِ چيو ۽ هن هدايت ڪئي ته فلم انڊسٽري جي مسئلن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج