اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ??يو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو 14 آگسٽ 2017ع تي افتتاح ڪرڻ جو اعلان ڪندي اميد ظاهر ڪئ?? آهي ته نئون هو??ئي اڏو پيشيواراڻي مهارت جو شاهڪار هوندو، منصوبي تي عملدرآمد ڪندي سمورن عالمي معيارن جي پيروي کي يقيني بڻايو وڃي. هن اها ڳالهه وزيراعظم هائوس ۾ ايوي ايشن معاملن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم کي بنون ۽ مانسهره سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ هو??ئي اڏن تي ڪم جي صورتحال ۽ اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ??يو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اٽڪل 82 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ منصوبي کي مخصوص ڪيل مالياتي وسيلن جي اندر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار