ڪويت سٽي – 29 ڊسمبر(اي پي پي) ڪويت ۽ مصر ۾ ڪورونا وا??رس جي نئين ويرينٽ جي تصديق ٿي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي ملڪن جي صحت وا??ين وزارتن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي نئين ويرينٽ (جي اين ون) جا ڪيترائي ڪيس ريڪاڊ تي آيا آهن جڏهن ته ان حوالي سان ڳڻتي جي ڪا به ڳالهه نه آهي، ڪويت جي صحت وا??ي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ان قسم جو و??رينٽ سامهون اچڻ جو امڪان نه هو جڏهن ته ان حوالي سان ڪا پريشاني جي ڳالهه نه آهي،جڏهن ته ان وا??رس جو شڪار پاڻ کي ٻين کان ڌار رکي ۽ مقرر احتياطي اپائن تي عمل ڪري. ٻئي پاسي مصر جي صحت وا??ي وزارت چيو آهي ته ڪورونا وا??رس جي نئين ويرينٽ جي ڪيس جي تصديق ٿي آهي جيڪو جي اين ون آهي، متاثر مريضن جي حالت بهتر آهي ڪنهن اسپتال ۾ داخل نه آهن.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن