ماسڪو-27 سيپٽمبر (اي پي پي) رو?? جي اڳوڻي صدر دمتري مددوف چيو آهي ته نيٽو ٻي عالمي جنگ کان ??ڏي جنگ جو سبب بڻجندو جنهن جو نتيجو انسانيت لاءِ ٻي عالمي جنگ کان به وڏي تباهي هوندو. رو?? جي خابرو اداري موجب رو?? جي اڳوڻي صدر دمتري مددوف گذريل ڏينهن ٽيلي گ??ام پوسٽ ۾ خبردار دار ڪيو ته اولهه يوڪرين کي وڏا هٿيار فراهم ڪري نازي ازم جو مظاهرو ڪندي دنيا کي ٻي عالمي جنگ کان ??ڏي جنگ طرف ڌڪي رهيو آهي. دمتري مددوف جيڪو هن وقت رو?? جي سلامتي ڪائونسو جو نائب چيئرمين آهي، آمريڪا طرفان ??وڪرين کي ابرامز ٽينڪن جي فراهمي، آمريڪا طرفان ??وڪرين کي ڊگهي مدي تائين مار ڪندڙ ٽيڪنيڪل ميزائيل سسٽمز (اي ٽي اي سي ايم ايس) جي فراهمي جي مبينه واعدي تي چيو ته ائين لڳي ٿو ته رو?? وٽ نيٽو سان سڌو سنئون تڪرار کانسواءِ ڪو به رستو باقي ناهي بچيو. هن ڪينيڊا جي پارليامينٽ جي اڳوڻي نازي فوجي جنهن جرمن آمر ايڊولف هٽلر جي ڪمان ??يٺ فوجي يونٽن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون هيون، کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ته نيٽو هٽلر جي محوري طاقتن جي اتحاد وانگر سر ي عام فاشٽ بلاڪ ۾ تبديل ٿي ويو آهي جنهن ۾ ۽ هٽلر جي اتحاد ۾ واحد فرق ا??و آهي ته هي اتحاد ماضي جي اتحاد کان ??ڌيڪ وڏو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ضرورت پوڻ تي رو?? نيٽو خلاف مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن خبردار ڪيو ته اهڙي طرح جا تڪرار انسانيت لاءِ تباهي آڻيندڙ نتيجن جو سبب بڻجندو، هن خبردار ڪيو ته ان جو نتيجو انسانيت لاءِ 1945ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نقصان ??يندو. واضح رهي ته رو?? جي اڳوڻي صدر ۽ رو?? جي حڪومت ڪيترائي ڀيرا يوڪرين کي هٿيارن جي مسلسل فراهمي رو?? ۽ نيٽو وچ ۾ سڌي سنئن ٽڪراءُ جي خطري کان خبردار ڪري چڪي آهي.
اولهه دنيا کي ٻي عالمي جنگ کان به وڏي جنگ طرف ڌڪي رهيو آهي: روس جو اڳوڻو صدر
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II