اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) 31 جولاءِ تي ميمبر ملڪن جي پرڏيه?? ڪائونسل (سي ايف ايم) جو هڪ غير معمولي ?? ورچوئل اجلاس منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ سوئيڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۽ ان جي مقدس ورقن کي ساڙڻ وارن واقعن تي غور ويچار ڪيو ويندو. اهو اجلاس سعودي عرب ۽ جمهوريه عراق جي درخواست تي سڏايو ويو آهي. او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو اهو هنگامي اجلاس هلندڙ سال 2 جولاءِ تي جده ۾ او آءِ سي جي جنر?? سيڪريٽريٽ ۾ منعقد هڪ غير معمولي اجلاس بعد او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي جاري ڪيل حتمي بيان جي جواب ۾ سڏايو ويو آهي. بيان ۾ سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي مقدس ورقن کي باهه ڏيڻ تي ڌيان ڇِڪائڻ ۽ ضرورت پوڻ تي اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس سڏائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات