ڪراچي-03 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ??يوي فليٽ جي سالياني ايفيشنسي ڪامپيٽيشن پريڊ پاڪستان ??يوي ڊاڪيارڊ ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. پاڪ بحريه طرفان جاري پڌرائيءَ موجب اها تقريب پاڪ بحريه جي بحري جهازن، آبدوزن ۽ هوائي جهازن ل??ءِ پيشيوراڻي طور تي ڪامياب ۽ اهم آپريشنل سال جي پڄاڻيءَ جي نشاندهي ڪري ٿي. ڊاڪيارڊ ڪمانڊر پاڪستان ??ليٽ ريئر ايڊمرل عبدالمنيب مهمان خاص جي آجيان ڪئي ۽ چست جٿي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. چيف آف دي نيول اسٽاف پنهنجي خطاب ۾ پاڪ بحريه جي فليٽ جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو. هن 2024ع جي آپريشنل مقصدن ۽ هدفن کي ڪاميابيءَ سان حاصل ڪرڻ تي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيوراڻي مهارتن ۽ لڳن جي تعريف ڪئي. ايڊمرل نويد اشرف ميري ٽائيم سيڪيورٽي ۽ پاڪستان جي سي لائنز آف ڪميونيڪيشن جي تحفظ ل??ءِ پاڪستان ??يوي فليٽ جي خدمتن ??ي ساراهيو. نيول چيف اسٽريٽجڪ ميري ٽائيم زون خاص طور تي گوادر پورٽ ۽ سي پيڪ جي ميري ٽائيم سان ??اڳاپيل منصوبن جي حفاظت کي يقيني بنائڻ ل??ءِ پاڪ بحريه جي ڪوششن تي روشني وڌي. ٻي طرف هن خطي ۾ اُڀرندڙ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ماحول جو به ذڪر ڪيو جنهن جي پيش نظر پاڪ بحريه کي هميشه پنهنجي بحري سرحدي جي دفاع ل??ءِ تيار رهڻ ضروري آهي. ٻئي پاسي پنهنجي آجياڻي خطاب ۾ ڪمانڊر پاڪستان ??ليٽ گذر??ل سال دوران ??ي اين فليٽ جي اپريشنل ڪاميابين تي روشني وڌي. هن ٻُڌايو ته پاڪ بحريه جي فليٽ سڄو سال جنگي تيارين جي اعليٰ معيار کي برقرار رکيو جڏهن ته بحري جهازن ملڪي ۽ـ پرڏيهي سمنڊن ۾ ٻه طرفي ۽ گهڻ رُخ مشقن ۾ حصو ورتو. تقريب دوران ??اڪ بحريه جي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ اسڪواڊرنز ۽ يونٽس کي ايفيشنسي ايوارڊ ۽ ٽرافيون پيش ڪيون.
پاڪ بحريه جي سالياني فليٽ ايفيشنسي ڪامپيٽيشن پريڊ جو بندوبست، چيف آف دي نيول اسٽاف خاص مهمان
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر