اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر کي هدايت ??ئي آهي ته عدالتن ۾ اوڳاڙين جي التوا هيٺ ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، غريب عوام کي ٽيڪس جو وڌيڪ ب??ر وجهڻ جي بدران باقيدارن کان ٽيڪس وصول ??ند??سين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ان لينڊ روينيو جي اپيليٽ ٽربيونلز جي معاملن تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي عدالتن ۾ التوا هيٺ اوڳاڙين جي ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي هدايت ??ئي. هن چ??و ته ايف بي آر اوڳاڙين جي ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. وزيراعظم اپيليٽ ٽربيونلز ان لينڊ روينيو ۾ عالمي معيار جي افرادي قوت کي سُٺي پگهار، مراعتن ۽ پيشيواراڻي ٽيلينٽ جي بنياد تي مقرر ڪرڻ جي هدايت ??ئي. هن حڪم ڏنو ته اپيليٽ ٽربيونلز ۾ بهترين ٽيلينٽ کي مقرر ڪري اوڳاڙين جا ڪيس فوري حل ڪيا وڃن، ان ڪم ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چ??و ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ايف بي آر اوڳاڙين تي ڪم تيزي سان جاري آهي. تازو ئي مون ڪراچي ۾ فيس ليس اسيسمنٽ نظام جاري ڪيو، جديد خودڪار نظام سان ڪرپشن جو خاتمو ۽ ڪسٽمز ڪليئرنس جي لاءِ گهربل وقت ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿي. ملڪ ۽ قوم جي هڪ هڪ پئسي جو تحفظ ??ند??سين، ٽيڪس نه ڏيندڙن کان ٽيڪس وصول ??ند??سين، نه وري غريب عوام تي ٽيڪس جو ب??ر وجهنداسين. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ان لينڊ روينيو اپيليٽ ٽربيونلز جي سڌارن تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم سڌارن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ??ئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، اٽارني جنرل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ايف بي آر کي عدالتن ۾ اوڳاڙين جي التوا هيٺ ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ