اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) سرڪاري اسڪيم تحت حج 2025ع جي درخواستگذارن ک??ن رهتن جي ٻي قسط جي وصولي جو عمل خميس کان شروع ٿي ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي تر??ما?? طرفان جار?? بيان موجب مذهبي معاملن واري وزارت جي عملدارن حج پانڌيئڙن کي هدايت ??ئي ته هو حج رهتن جي ٻي قسط نامزد بئنڪن ۾ 19 کان 27 ڊسمبر تائين جمع ڪرائين. حج رهتن جي ٻي قسط 4 لک روپيا آهي جڏهن ته اختياري سهولتن جا اضافي خرچ به ٻي قسط سان گڏ جمع ڪرائڻا پوندا. ان مرحلي تي بئنڪ کان پيڪيج تبديل ڪرائي سگهجي ٿو. 4 کان 6 ماڻهو فيملي روم، شيئرنگ روم يا سنگل ماڻهن لاءِ اختياري ڊبل بيڊ (في حاجي) 2 لک 59 هزار روپيا، اختياري ٽرپل بيڊ في حاجي 86 هزار 500 ۽ قرباني جا 55 هزار 500 روپيا جمع ڪرائڻا پوندا. تر??ما?? چيو ته ڪامياب حج پانڌيئڙا رهتن جي ٻي قسط 27 ڊسمبر تائين لازمي جمع ڪرائين.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان