اسلام آباد– 20 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ، سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي پاڻ ۾ رابطو وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آف??س جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام بابت اهم اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته انساني اسمگلنگ پاڪستان جي لاءِ سڄي دنيا ۾ بدنامي جو سبب بڻجي ٿي. هن انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي پنهنجا رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته 2023ع جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي حادثي کانپوءِ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ۾ انتهائي سستي سان ڪم ورتو ويو، ذميوار آف??سرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. هن انساني اسمگلرن جي سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ انساني اسمگلنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي يونان ٻيڙي حادثي ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونان ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ 5 پاڪستانين جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، ٻين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ايٿنز ۾ موجود پاڪستاني سفارتخانو ٻيڙي حادثي جي حوالي سان يوناني عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، ٻيڙي حادثي جي حوالي سان معلومات ۽ مدد جي لاءِ ايٿنز ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني سان هيلپ لائين +30-6943850188 ۽ پرڏيهي ??زارت جي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ جي نمبر 0519207887 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ ۽ منڊي بهاءَ الدين جي ضلعن مان سڀ کان وڌيڪ ماڻهو انساني اسمگلرن جو شڪار ٿين ٿا، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان قا??ون??ازي وڌيڪ بهتر بڻائي پئي وڃي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي ??زير اسحاق ڊار، اقتصاسدي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ ??رڪاري آف??سرن شرڪت ڪئي. يون??ن ۾ مقرر پاڪستان جي سفير اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران انساني اسمگلنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ، سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی