راولپنڊي-04 ڊسمبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا عراق جي د??ري د??ران وزيراعظم محمد شياع السوداني، دفاع واري ??زير ثابت محمد سعيد العباسي، گهرو وزير عبدالامير الشمري ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جنرل عبدالامير رشيد سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب انهن ملاقاتن دوران ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون جن ۾ سيڪيورٽي، دفاعي تعاون ۽ موجوده علائقائي ماحول شامل آهن. ڌرين ٻطرفي فوجي سه??ار کي سگهه ڏيڻ وارن طريقن جو به جائزو ورتو ۽ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ??رج??ءُ ڪيو. عراق جي سول ۽ عسڪري ??يادت پاڪستاني هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي د??شتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو، ان کان اڳ عراق جي هٿياربند فوج جي هيڊڪوارٽر پهچڻ تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي کي چست جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جُون عراق جي وزيراعظم محمد شياع السوداني ۽ ٻين سان ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی