اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحا?? ڊار چيو آهي ته پاڪستان ترڪيه سا?? لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏ?? ٿو، ٻنهي ملڪن جي عوام گهري ڀائراڻي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم قومي ڏينهن جي موقعي تي ??رڪيه جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هر مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان ترڪيه سان گڏ بيٺل آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحا?? ڊار چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي عوام مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. هن چيو ته 1923ع ۾ ڪمال اتاترڪ جديد ترڪيه جو بنياد رکيو، ترڪيه تباهي آڻيندڙ زلزلن ۽ ٻوڏن کانپوءِ پاڪستان جي امداد ڪئي جنهن سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهري رشتي ??ي عڪاسي ٿئي ٿي. نائب وزيراعظم چيو ته ترڪيه ڪورونا جي وبا دوران ۽ عالمي فورمز تي پاڪستان جي سدائين حمايت ڪئي. هن چيو ته ترڪيه پاڪستان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرشپ جي لاءِ پڻ ڀرپور تائيد ۽ حمايت ڪئي، پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرشپ 2 سالن جي مدي لاءِ پهرين جنوري 2025ع کان سنڀالي رهيو آهي. سينيٽر محمد اسحا?? ڊار چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ دوستاڻ?? لاڳاپن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ترڪيه کي دهشتگردي جي تدارڪ سميت سمورن اهم مسئلن تي ??مايت ڪر?? ٿو. هن چيو ته ترڪيه ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق جي دنيا جي بي شمار فورمز تي ??دائين حمايت ڪئي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحا?? ڊار فلسطينين سان غزه ۽ بيروت ۾ اسرائيل جي جاري وحشياڻي ظلمن تي ??نيا جي ٻٽي معيار تي ??فسوس جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي برادري غزه ۾ جاري ظلمن کي روڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني ڀائرن جي لاءِ دنيا ج?? هر فورم تي ??واز اٿاريندو رهندو. هن والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل پاران جاري نسل ڪشيءَ بند ڪرائڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت تي ??ور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل آزاد فلسطين جي قيام جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ترڪيه جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، پاڪستان ۾ رهندڙ ترڪيه جي شهرين، معززين ۽ سول ۽ فوجي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ تقريب جي شروعات پاڪستان ۽ ترڪيه جي قومي ترانن جي ڌُنن سان ٿي.
پاڪستان ترڪيه سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری