اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته غربت هڪ وڌندڙ سماجي ۽ معاشي مسئلو آهي، غربت گهٽائڻ لاءِ عالمي سطح تي اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، غربت جي خاتمي لاءِ عدل ۽ انصاف تي ٻَڌل معاشر?? جي جوڙجڪ ضروري آهي. ڪالهه جاري بيان ۾ اسپيڪر غربت جي خاتم?? جي عالمي ڏينهن تي پيغام ۾ چيو ته غربت هڪ عالمي مسئلو آهي. هن چيو ته س??ي دنيا ۾ خاص طور اُسرندڙ ملڪن ۾ عوام جو هڪ وڏو انگ غربت جي لڪير کان هيٺاهين واري زندگي گذاي رهيو آهي. اسپيڪر چيو ته سماجي ۽ اداره جاتي ناانصافي ۽ غير منصفاڻا رَويا غربت جي خاتمي ۾ وڏيون رڪاوٽون آهن، جن جي ازال?? جي ضرورت آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ قانونسازي ذريعي ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، موجوده حڪ??مت ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پُٺتي پيل طبقن کي بااختيار بنائڻ لاءِ مختلف فلاحي ۽ سماجي منصوبا جاري ڪيا ويا آهن، موجوده حڪ??مت طرفان پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جاري ڪرڻ نوجوانن کي مالي طور تي پاڻڀرو بنائڻ جي بهترين ڪوشش آهي. اسپيڪر چيو ته معياري تعليم ۽ بهتر طبي سهولتن کي هٿي ڏيڻ، هڪ بهتر ۽ محفوظ مستقبل لاءِ غربت جو خاتمو ضروري آهي.
غربت گهٽائڻ لاءِ عالمي سطح تي اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil