بيجنگ-25 سيپٽمبر (اي پ?? پي) مواصلات بابت وفاقي وزير ??بد??لعليم خان چيو آهي ته سي پ??ڪ، واپاري راهداريون گرين انرجي ۽ ڪلين ٽيڪنالاجي ??ي ٻڌل آهن، هاءِ ويز ۽ بندرگاهن کي مستقبل جي ??رورت کي نظر ۾ رکندي بڻايو ويندو، ٽرانسپورٽ جي ??عبي جي ??رجيح معاشي بهتري، روزگار جي فراهمي ۽ قومي ترقي جي ??يجنڊا کي حوصلو ڏيندڙ آهي. وفاقي وزير چين ۾ گلوبل ٽرانسپورٽ فورم 2024ع کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان کي شهري آبادي ۾ واڌ ۽ ماحولياتي تباهيءَ جا وڏا چئلينج درپيش آهن، آمدورفت جي ??ريعن ۾ بهتري لاءِ شهرين جي ??حفظ کي به نظر ۾ رکڻو پوندو، سي پ??ڪ ۽ چائينا بيلٽ روڊ منصوبن سان پاڪستان ۽ چين ٻئي فائدو ماڻيندا. وفاقي وزير چيو ته پاڪ چائينا اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پ??ڪ) تحت انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي ??عبن ۾ بهتري آندي پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته سي پ??ڪ جون واپاري رهداريون گرين انرجي ۽ ڪلين ٽيڪنالاجي ??ي ٻَڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ غير مناسب ٽرانسپورٽ سسٽم معاشي دٻاءُ جو سبب آهي، اسان کي هاءِ ويز ۽ بندرگاهن کي مستقبل جي ??رورت موجب بڻائڻو آهي. مواصلاتي نظام ۾ بهتريءَ سان معيشت سميت ثقافت ۽ معاشرت کي هٿي ملندي. هن چيو ته ڪورونا جي وبا کانپوءِ ٻين تبديلين کان علاوه گلوبل لاجسٽڪس پڻ نئون رُخ اختيار ڪري ورتو آهي. هن چيو ته اِي ڪامرس ۽ ڊجيٽل طريقن سان ٽرانسپورٽ جي ??عبن ۾ ضم ٿيڻ سان بهتري آئي آهي، گلوبل ٽرانسپورٽ فور?? سان ٽرانسپورٽ جي ??عبي کي مُنهن ڏيڻ وارن مسئلن جا نوان حل تلاش ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مواصلات جي ??عبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ گرين ٽيڪنالاجي ??و حامي آهي. هن چين جي ٽرانسپورٽ واري وزير سان خاص ٿورو مڃيو. بيجنگ ۾ ٿيل گلوبل ٽرانسپورٽ فورم مان ني??ال ۽ ٿائلينڊ جي نائب وزيراعظم به خطاب ڪيو. فورم ۾ آذربائيجان، ڪمبوڊيا، يونان، ڪينيا، ڪويت، قطر، سنگاپور، تاجڪستان ۽ تنزانيه جي وزيرن به شرڪت ڪئي. بعد ۾ چين ۽ پاڪستان کان علاوه ازبڪستان، ويٽنام ۽ ٻين ملڪن جا اعليٰ عملدار به ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا.
پاڪستان کي شهري آبادي ۾ واڌ ۽ ماحولياتي تباهيءَ جا وڏا چئلينج درپيش آهن: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha