اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) کي نيشنل نيوز پيپر ريڊرشپ ڊي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل نيوز پيپر ريڊر شپ ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اخبارون سياسي شعور وڌائڻ ۽ شهرين کي انهن جي حقن ۽ ذميوارين کان آگاهه ڪرڻ کانسواءِ خبرون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اخبارون معاشري ۾ اخلاقي ۽ جمهوري قدرن کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اخبارن جي ذريعي ماڻهن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ??سئ??ن کان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن ۾ برداشت، رواداري، بين المذاهب هم آهنگي، حب الوطني، شهري ذميواري ۽ انساني حقن جي احترام کي پڻ فروغ ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته اڄ جي تيز ر??تار ڊيجيٽل دور ۾ جتي غلط معلومات ۽ جعلي خبرون تيزي سان وائرل ٿي سگهن ٿيون، اتي اخبارن جو ڪردار اڃان به اهم ٿي ويو آ??ي. ??در آصف علي زرداري چيو ته اخبارن کي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي جعلي خبرن جي حوصلا شڪني جي لاءِ صحيح ۽ چڱي طرح سان تحقيق ٿيل خبرون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته هڪ ذميوار پر??س خبرن جي رپورٽنگ ۾ درستگي، انصاف پسندي ۽ توازن جي اعليٰ ترين معيار کي برقرار رکي ٿي، هڪ ذميوار پر??س نه رڳو پيڙهيل آوازن کي ٻڌڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي پر اهم ??سئ??ن تي ڌرين جي وچ ۾ صحت??ند بحث پڻ پيدا ڪري ٿي، ان جي لاءِ ضروري آهي ته پر??س کي اهم ??سئ??ن تي ماڻهن جي رهنمائي ۽ آگاهي جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته ان ڏينهن اسان کي هڪ آزاد ۽ ذميوار پر??س جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪرڻ گهرجي جيڪا جمهوري نظام جي ڪاميابي سان گڏوگڏ قومي ۽ عالمي اهميت جي ??سئ??ن تي عوامي راءِ جوڙڻ جي لاءِ راهه هموار ڪري سگهي.
اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha